حنا جيلاني

حنا جيلاني

جيلاني حنا

جيلاني، حنا: حنا جيلاني اها سڄاڻ عورت آهي، جنهن انساني حقن جو پرچار وڏي بهادريءَ سان ڪيو آهي. هن 1979ع کان قانون جي پرئڪٽس جي ابتدا ڪئي، جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا جو نفاذ هو. 1980ع ۾ هن پنهنجي ڀيڻ عاصمه جهانگير سان گڏجي پهريون ڀيرو عورتن لاءِ AGHS نالي ليگل ايڊ سيل قائم ڪيو. جنهن جو مقصد عورتن جي فلاح، تحفظ ۽ منجهن سماجي شعور پيدا ڪرڻ هو. حنا جيلاني، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) ۽ ويمن ائڪشن فورم (WAF) جي باني ميمبرن مان آهي.
هن جنرل ضياء الحق جي دور ۾ عورتن بابت امتيازي قانون سازيءَ خلاف ڀرپور مهم هلائي ۽ ان سلسلي ۾ 1986ع ۾ هن ملڪ ۾ پهرئين ’ليگل ائڊ سينٽر‘ جو بنياد وڌو.
حنا جيلاني ڳچ عرصو عورتن، ٻارن ۽ اقليتي حقن بابت جاکوڙ ۾ گذاريو آهي. کيس ڪيترين ئي مخالفتن جو منهن به ڏسڻو پيو. کيس ڪافي ڌمڪيون مليون ۽ مٿس قاتلاڻو حملو به ٿيو، پر هن پنهنجي ڀيڻ عاصمه جهانگير جيان پنهنجي جاکوڙ جاري رکي. ملڪي توڙي غير ملڪي فورمن تي نهايت سرگرم رهي آهي. هوءَ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي انساني حقن جي محافظ طور 2000ع کان 2008ع تائين نمائندگي ڪيائين. ان کان سواءِ 2006ع ۾ اقوام متحده جي ’فئڪٽ فائنڊنگ ڪميشن‘ جي ميمبر طور سوڊان ۾ مقرر رهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ به مليا آهن، جن ۾ قانوني ميدان ۾ غير معمولي خدمتن عيوض مليل ’ايڊيٽرز اوارڊ‘ ۽ هن انساني حقن جي موضوعن تي ڪيترا ليڪچر به ڏنا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو